داخلا نمبر 2324
عنوان احمد خان مدهوش
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 2155 ڀيرا
داخلا جو حوالو
احمد خان مدهوش

احمد خان مدهوش

احمد خان مدهوش

احمد خان مدهوش: ناميارو شاعر احمد خان ولد حاجي خان (حاجي فقير شغلي) ذات (کٽي) سومرو، 15 اپريل 1931ع تي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ سلطان چانڊيي ۾ ڄائو، 1932ع ۾ سندس خاندان ’جوهي‘ شهر ۾ اچي آباد ٿيو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾ انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. ڳپل عرصو جوهيءَ ۾ استاد ٿي رهيو،. هن شاعريءَ جي سکيا سيد نجف علي شاهه لڪياريءَ ۽ فيض بخشاپوريءَ کان ورتي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ’دل جون ڳالهيون‘ سنڌي ادبي بورڊ پاران 1993ع ۾ ۽ ”نظر ۾ نظربند“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 2003ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. استاد شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. غزل ۽ نظم جو وڏو شاعر آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هيو. احمد خان مدهوش 26 جون 2010 تي وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.04.15  عيسوي

احمد خان مدهوش: ناميارو شاعر احمد خان ولد حاجي خان ( حاجي فقير شغلي ) ذات ( کٽي ) سومرو ، 15 اپريل 1931ع تي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ سلطان چانڊيي ۾ ڄائو


2010.06.26  عيسوي

احمد خان مدهوش 26 جون 2010 تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون