تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2026-11-02 عيسوي تاريخ ۾


1841.11.02ع :  اليگزينڊر برنس کي 2 نومبر 1841ع تي گهر ڀاتين سميت قتل ڪيو ... وڌيڪ پڙهو 1902.11.02ع :  ثاقب منگي خيرپور ناٿن شاهه ۾ 2 نومبر 1902ع تي محمد رمضان منگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو... وڌيڪ پڙهو 1929.11.02ع :  رفيق احمد تارڙ 2 نومبر 1929ع تي ڄائو ... وڌيڪ پڙهو 1938.11.02ع :  مشھور ھدايتڪار، ڊاراما نگار غلام حيدر ولد امير علي صديقي، 2 نومبر 1938ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1949.11.02ع :  آغا رفيق احمد 2 نومبر 1949ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو .... وڌيڪ پڙهو 1964.11.02ع :  شاهه فيصل 2 نومبر 1964ع تي ڀاءُ جي جڳهه تي سعودي عرب جو بادشاهه ٿيندي ئي هن تيل جي پيداوار مان ملندڙ... وڌيڪ پڙهو 1965.11.02ع :  اداڪار شاهه رخ خان جو جنم، 2 نومبر 1965ع تي دهليءَ (انڊيا) ۾ ٿيو. ... وڌيڪ پڙهو 1984.11.02ع :  سنڌ جو هي البيلو ڪلاڪار، 2 نومبر 1984ع تي اٽڪل 78 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئيءَ ۾ گذاري ويو. ... وڌيڪ پڙهو 2010.11.02ع :  چڪوري، 2 نومبر 2010ع تي لاهور ۾ گذاري وئي ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي.... وڌيڪ پڙهو 2017.11.02ع :  دينا واڊيا 2 نومبر 2017ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ سنڌ بابت پھريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنھن جا هن وقت تائين 13جلد پڌرا ڪيا ويا آهن، چوڏهون جلد پڻ آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته پھريون جُلد پڻ ٻيھر واڌارن سڌارن سان بائيبل پيپر تي مناسب جلدبنديءَ سان ڇپايو پيو وڃي. 2019ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج، جسٽس صلاح الدين پنھور ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ڇپيل جلدن ۾ ڪجهه غلطين جي نشاندهي ۽ داخلائن جي ترتيب بابت تڏهوڪي سيڪريٽري ثقافت جناب اڪبر لغاري کي عملي طور درستيون ڪرڻ جي هدايتن کانپوءِ اڪبر صاحب جي سربراهيءَ ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جڙيو، جنھن ۾ جناب مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ ڊاڪٽر شير مھراڻي شامل هئا، جن سموري مواد جو مرحليوار جائزو وٺي معزز عدالت کي اداري معرفت رپورٽ پيش ڪئي ۽ جنهن کانپوءِ انهن سڌارن جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته لغتن ۽ انسائيڪلوپيڊيائن جو تحقيقي ڪم مستقل هلندڙ ۽ سڌارن جوڳو هوندو آهي، انھيءَ جذبي سان سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو هن اهم تاريخي ماخذ کي وڌ کان وڌ مستند بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو پيو اچي. اداري جي قيام (1991ع) کان ئي سن..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سڳالچند مڪواڻو **

سڳالچند مڪواڻو: ٿرپارڪر جي مشھور سماجي ورڪر ۽ ڪانگريسي اڳواڻ، ڪامريڊ سڳالچند ولد سترامداس مينگهواڙ جو جنم، 11 اپريل 1914ع تي تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڪانگريس پاران جوڙايل پرائمري اسڪول آڌيگام ۾ ورتائين، جڏهن تہ مئٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گانڌي آشرم اسڪول ننگر پارڪر مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد کيس جـلد ئي روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيءَ جي نوڪري مـلـي وئي، جتي ڪجهه عرصو ڪم ڪرڻ بعد کيس ترقي ڏئي اسسٽنٽ مختيارڪار بڻايو ويو، ان عرصي ۾ هن ننگر پارڪر، ساماري ۽ ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪئي.

سڳالچند ڪانگريسي لڏي سان واڳيل هو، تنهنڪري هن پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏجي پارڪر جي پٺتي پيل ڳوٺن ۾ ڪانگريس جي سهڪار سان ڪيترائي اسڪول کولرايا، جنهن ۾ شيڊيول ڪاسٽ جا شاگرد آسانيءَ سان تعليم پرائي سگهندا هئا. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ انگريزن جي دور ۾ پارڪر تي ٺاڪرن جو اثر رسوخ وڌيڪ هو، اسڪولن ۾ مينگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل گڏ ويهي پڙهي نہ سگهندا هئا، اهڙيءَ طرح ان وقت ننگرپارڪر شھر ۾ هيٺين طبقي وارين ذاتين جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي وڏي تڪليف هوندي هئي، ڪ....وڌيڪ پڙهو