اپريل مھينو تاريخ جي آئيني ۾

اڄوڪي ڏينهن تي

2026-04-23 عيسوي تاريخ ۾


1616.04.23-A.D-   وليم شيڪسپيئر جي وفات 23 اپريل 1616ع تي ٿي 1899.04.23-A.D-  سنڌ جي نامياري سياستدان، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن مخدوم غلام حيدر ولد مخدوم ظهيرالدين صديقي 12 ذوالحج 1312هه/ 23 اپريل 1899ع تي هالا ۾ جنم ورتو. 1915.04.23-A.D-  احمد خان اختر: احمد خان ولد عبدالرحيم ميمڻ ، 23 اپريل 1915ع تي ڳوٺ بولاخان شوري ، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو . 1956.04.23-A.D-  نامور صحافي ۽ ليکڪ جان خاصخيليءَ جو پورو نالو جان محمد ولد حاجي خاصخيلي آهي. هن 23 اپريل 1956ع تي تعلقي هالا جي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ ۾ جنم ورتو. 1956.04.23-A.D-   ’ريپبليڪن پارٽي‘، 23 اپريل 1956ع تي قائم ٿي ۽ ان جو ڪنوير ڊاڪٽر خانصاحب کي بنايو ويو . 1966.04.23-A.D-   استاد بڙي غلام علي خان جي وفات 23 اپريل 1966ع ۾ ٿي . 1970.04.23-A.D-  اديب ۽ سياسي ڪارڪن اڪرم ولد اڪبر قمبراڻي 23 اپريل 1970ع تي، ڊگهڙي شھر، ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. 1988.04.23-A.D-  درگاهي ميراڻي دل جي دوري پوڻ سبب 23 اپريل 1988ع تي وفات ڪري ويو 1991.04.23-A.D-  عزيز حامد مدني 23 اپريل 1991ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ پراڻي لياقت آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. 2011.04.23-A.D-  سڪندر سومري 23 اپريل 2011ع تي حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس ڳوٺ حاجي سومري ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. 2013.04.23-A.D-  شمشاد بيگم 94 ورهين جي عمر ۾ 23 اپريل 2013ع تي وفات ڪيائين.

1447-08-18 هجري تاريخ ۾