پٿرٽوڙٻوٽي

پٿرٽوڙٻوٽي

پٿرٽوڙٻوٽي

پٿر ٽوڙ ٻوٽي: هن ٻوٽي کي انگريزيءَ ۾ Irissp، لاطينيءَ ۾ Coleus Aromaticum، سنسڪرت ۾ پاشان بيدي، اردو ۾ برگ عجوبه، بنگاليءَ ۾ بٿر چور، گجراتيءَ ۾ پاشان بيد، هنديءَ ۾ ڪنڊا بندي، سنڌيءَ ۾ پرچٽ، عربيءَ ۾ ڪاسرالحجر ۽ فارسيءَ ۾ گوشار چئبو آهي. هن ٻوٽيءَ جي آڪهه جو نالو Labiate آهي. هي ٻوٽي برسات ۾ تيزي سان وڌي ويجھي ٿي. هي اڌ ميٽر کان ڊگھي ٿيندي آهي. ڪٿي ڪٿي ته ميٽر کان به وڌي وڃي ٿي. هن جون ٽاريون ننڍڙيون هونديون آهن. گل هيڊي رنگ جا، پن ٿلها ۽ پنن جي ڪنارن تي هلڪا ڏندا هوندا آهن. پن موڙڻ سان مڙندو نه، پر ٽٽي پوندو آهي. اڄڪلهه هر نرسريءَ ۾ هي ٻوٽو آسانيءَ سان ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو