ذوالفقار

ذوالفقار: هڪ مشهور تلوار، جيڪا حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي بدر جي جنگ ۾ غنيمت جي مال ۾ ملي هئي. اُن کان اڳ ۾ اُها تلوار عاص بن منبه وٽ هئي، جيڪو بدر جي جنگ ۾ مسلمانن هٿان مارجي ويو هو.
ذوالفقار تلوار جي وجه تسميه اها آهي ته ان ۾ ڏندا يا ليڪون نڪتل هيون. حضور صلي الله عليه وسلم جن هڪ خواب ڏٺو ته سندن تلوار ذوالفقار جي ڌار ٽٽي پئي آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم ان جو تعبير اهو ڪڍيو ته سندن ذات مبارڪ تي ڪا تڪليف اچڻ واري آهي، جيڪا احد جي جنگ ۾ کين آيل تڪليف مان مراد ورتي وئي (البلاذري: انساب الاشراف). تلوار توڙي جو پاڻ ڪريمن جي هئي، پر اها هوندي حضرت علي ڪرم الله وجهه وٽ هئي، ان ڪري ذوالفقار جي نسبت هميشه حضرت علي عليه السلام سان رهي ۽ علوي نشان سمجهي وڃي ٿي. حضرت عليعه ۽ ذوالفقار جي نسب جو هي شعر اڄ تائين مشهور آهي:
شاهِ مردان، شيرِ يزدان، قوتِ پروردگار،
لافتيٰ الاعلي، لاسيف اِلا ذوالفقار.
اها تلوار آخرڪار عباسي خليفن جي هٿ چڙهي وئي.


لفظ ذوالفقارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو