اڻي

اَڻي: نيزي يا تير جي سنهڙي چهنب. گذريل وقت جا هٿيار خاص ڪري ڀالا ۽ تيرَ، ڪاٺ جا ٺهيل هوندا هئا، رڳو سندن چهنبون لوهه مان ٺهيل هونديون هيون. نيزي جو ڏنڊو بانس يا ڪاٺيءَ جو هوندو هو، جنهن ۾ لوهه جي چهنب وجهبي هئي. تير، ڪانهن جي ڪانيءَ يا ڪَهُو جي گهڙيل ڪانيءَ مان ٺهندا هئا، پر انهن جي اَڻي لوهي ٺهيل هوندي هئي. نيزي جي ”چهنب“ چئبي ۽ تير جي ”اَڻي“.


لفظ اڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو