ڳڙهي خدا بخش

ڳڙهي خدا بخش

ڳڙهي خدا بخش

ڳڙهي خدا بخش (شھر): لاڙڪاڻي ضلعي جي ھڪ يونين ڪائونسل، جيڪا تعلقي رتيديري ۾ واقع آهي. ديھه جو نالو به ڳڙهي خدا بخش آهي. هيءُ ڳوٺ خدا بخش ڀُٽي ٻڌايو هو، جنھن ڪري سندس ئي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هيءُ اڳوڻي وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو اباڻو ڳوٺ آهي، جتي انهن جو خانداني قبرستان آهي. هن قبرستان جي جاءِ تي محترمه بينظير ڀٽو ھڪ وڏو مقبرو ٺھرايو، جنھن ۾ هن وقت سر شاھنواز ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، مير شاھنواز ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀُٽو مدفون آهي. هتي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير جي ورسيءَ جي ڏهاڙن تي وڏو جلسو پڻ ڪيو ويندو آهي.


لفظ ڳڙهي خدا بخشھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو