ٽنڊوڄام

ٽنڊوڄام: هيءُ شهر ارغونن جي دور ۾، نصرپور واري ڍوري جي ڪپ تي، ڄام هالي ٻڌايو هو، جڏهن درياهه کٽياڻن وٽان وهندو هو. هن کي پهريائين ”ڄام هالي جو ٽنڊو“ سڏيندا هئا. هي حيدرآباد کان 10 ميلن جي فاصلي تي آهي ۽ ميرپورخاص روڊ لڳ ريلوي لائين تي آهي. هتي ائٽمي توانائيءَ جو مرڪز آهي. جڏهن ته زرعي يونيورسٽي، زرعي انجنيئرنگ ورڪشاپ، سينٽرل وٽرنري ڊائيگناسٽڪ ليبارٽري، ڊرپ ڪئمپس، زرعي تحقيقي، رورل هيلٿ سينٽر، نئشنل چيئريٽي اسپتال، ڪپڙي جي مل ۽ لوڪل گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ پڻ آهن. هتي اٽي پيهڻ، ڪپهه ٽاڻڻ ۽ زرعي سامان ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن. هن شهر جي رونق ۽ آباديءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. علمي ادبي حوالي سان پڻ هيءُ شهر، حيدرآباد ضلعي جو اهم شهر آهي. ناميارو هاري اڳواڻ ۽ اديب ڪامريڊ مير محمد ٽالپر هن شهر جو آهي. سندس استاد جنهن کي هن سنڌ جو بهترين استاد لکيو آهي، سائين محمد يعقوب ”نياز“ ميمڻ پڻ هتان جو هو، جنهن ٽنڊي ڄام ۾ نياڻين جي تعليم جو پايو وڌو. سندس اولاد مان سراج ميمڻ ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌ جا ناليوارا ليکڪ ۽ دانشور آهن. ٻارن جو مشهور ليکڪ اسرار شام به هتان جو آهي. علمي ادبي لحاظ کان پڻ هي شهر منفرد حيثيت رکي ٿو. هن وقت هتان ٻارڙن جا چار ماهوار رسالا نڪري رهيا آهن، جن ۾ ماهوار ”گلڙا“ ۽ ماهوار ”روشن دنيا“ قابل ذڪر آهن. هتي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ جدا جدا پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهن. ان کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي ادبي، سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. ناميارو اديب ۽ ٽنڊي ڄام ڪاليج جو اڳوڻو پرنسپال ڊاڪٽر گل حسن لغاري پڻ هن شهر جو رهاڪو هو. پير امجد شاهه جيلاني، سيد علي نواز شاهه ۽ عبدالستار بچاڻي، وقت بوقت هتان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊبا رهيا آهن.


لفظ ٽنڊوڄامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو