
ڪيرت ٻاٻاڻي
ڪيرت ٻاٻاڻي: ڪيرت ٻاٻاڻي جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي هو. هن ڳوٺ موريو لاکو، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه، (هاڻي بينظير آباد) ۾ 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو. هن جي تعليم بي. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. نوابشاهه ۾ شاگرديءَ دوران استاد روچيرام ٿانواڻيءَ جي تربيت هيٺ ترقي پسند ۽ قومي سوچ پيدا ٿيس. سنڌ اندر مزدور ۽ شاگرد جدوجھد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين. ان زماني ۾ ٽنڊي آدم ۽ نوابشاهه ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اسڪولي جيون ۾ پرڀات ڦيريون ڏيڻ، هٿ سان پترا لکي ورهائڻ ۽ قومي ڏينھن ملهائڻ سندس مشغوليون هيون. سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو سيڪريٽري رهيو. هو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اوائلي ميمبرن مان هو ۽ هن، سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد ترقي پسند ادب کي اي. جي. اُتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهيءَ سان گڏجي همٿايو. ’نئي دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچيءَ جو ان ڏس ۾ وڏو ڪردار هو. هن ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي، ان وقت ۾ ڪجهه وقت جي. ايم. سيد ۽ حيدر بخش جتوئيءَ وٽ گذاريائين. جتوئي صاحب جي ’هاري حقدار‘ اخبار سنڀاليائين، ڪجهه وقت کان پوءِ حالتن جي ڏکيائي سبب سنڌ ڇڏي هندستان هليو ويو. ڪيرت ٻاٻاڻي وطن ڇڏڻ کان پوءِ هند ۾ ڪيترن سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واڳيل رهيو. هُو ’اکل ڀارت، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ جو 18 سالن تائين صدر رهيو. جنھن پليٽ فارم تان هن پنھنجي بزرگن ۽ ساٿين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجھد کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ۽ قومي ٻولي تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻي، ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. کيس ’سوويت لئنڊ نھرو‘ امن ايوارڊ (1980ع)، تعليم کاتي دهليءَ پاران ’اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا‘ ايوارڊ (1986ع)، مھاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ پاران ادبي ايوارڊ (1989ع)، ڀارتيه ڀاشا پريشد پاران ’ادبي ايوارڊ‘ (1992ع) ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران ’جي. ايم. سيد ايوارڊ‘ وغيره مليا. ڪيرت ٻاٻاڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’هوءَ‘ (ڪھاڻيون 1956ع)، ’مالوا‘ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو: 1958ع)، ’ڪُولي‘ (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو: 1960ع)، ’جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو‘ (ڪھاڻيون: 1966ع)، ’سُوريءَ سڏ ڪيو‘ (ناٽڪ: 1972ع)، ’ادب ۾ قدرن جو سوال‘ (تنقيد: 1974ع)، ’لينن، دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت‘ (1980ع)، ’اوک ڊوک‘ (تنقيد: 1981ع)، ’چونڊ سنڌي مضمون‘ (ترتيب: 1981ع)، ’جيڪي ڏٺو هو مون‘ (روس جو سفرنامو: 1982ع)، ’اٻول رڻي‘ (1982ع)، ’ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ جو جائزو‘ (1986ع)، ’امن جي افق ڏانھن‘ (مضمون: 1987ع)، ’پيھي منجهه پاتال‘ (مضمون: 1987ع)، ’جيئي سنڌ، سدا جيئي‘ (ڪھاڻيون)، ’نه ليليٰ نه مجنون‘ (ڪھاڻيون: 1987ع)، ’چونڊ سنڌي ڪھاڻيون‘ (ترتيب: 1989ع)، ’چونڊ سنڌي مضمون‘ (1991ع)، ’اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو‘ (ڪھاڻيون: 1993ع)، ’ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم‘ (آتم ڪٿا،4 جلد: 1997ع)، ’لڪيو لياڪا پائين‘ (شاعري: 2000ع)، ’ڌرتيءَ جو سڏ‘ (ناٽڪ: 2004ع)، ’سو سڏ، سو پڙاڏو‘ (اڌ صديءَ جا خط: 2004ع)، ’سنڌين جو سفر‘ (موهن گيهاڻي ۽ هري پنڪج سان گڏ سنڌي ٻولي هلچل جو دستاويز: 2007ع) ۽ ’مراٺي ادب جي تاريخ‘ (ترجمو) شامل آهن. ڪيرت ٻاٻاڻي 03 جنوري 2015ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصيت موجب هن جون هاٺيون،19 سيپٽمبر 2015ع تي ڄام شوري ۾ سنڌو درياهه حوالي ڪيون ويون.
عيسوي
1967.04.10 عيسوي
هن پنھنجي بزرگن ۽ ساٿين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجھد کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ۽ قومي ٻولي تسليم ڪرايو.
2015،01.03 عيسوي
ڪيرت ٻاٻاڻي 03 جنوري 2015ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصيت موجب هن جون هاٺيون،19 سيپٽمبر 2015ع تي ڄام شوري ۾ سنڌو درياهه حوالي ڪيون ويون.
1922.01.03 عيسوي
ڪيرت ٻاٻاڻي جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي هو. هن ڳوٺ موريو لاکو، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه، (هاڻي بينظير آباد) ۾ 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو.