جتوئي

جتوئي1: جتوئي قبيلي جي حسبي ۽ نسلي سلسلي بابت ڪافي روايتون ملن ٿيون، جن مان ڪجهه هن طرح آهن:

جتوئي، مير جتوئيءَ جو اولاد آهن، سندن ڏاڏو (نانو) مير جلال خان بلوچ هو. مير جلال خان بلوچ کي ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ’جتو‘ هئي. جتو جو مڙس اولاد ڄمڻ کان اڳ وفات ڪري ويو هو. جنهن جي افسوس ۾ مائي ’جتو‘ پاڻ پٿر (تڏو) ڪيو هو. چند مهينن بعد هن کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو هن پنهنجي نالي جي نسبت سان ’جتوئي‘ نالو رکيو. جنهن کي ’مير جتوئي‘ چيو ويو.

ڪتاب ’قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته نوس بن هرين جي هڪ پٽ جو نالو مير مراد خان هو. جنهن کي پهرين زال مان اولاد ڪونه هو. اولاد خاطر هن پنهنجي سوٽ جتوءَ سان نڪاح ڪيو. هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو اولاد ’جتوئي‘ آهن. ايس. صادق علي پڻ هن راءِ سان متفق آهي.

هڪ روايت موجب جتوئي، جت آهن. مير چاڪر خان جو جنگي سامان کڻندا هئا ۽ بيرق بردار هئا. فرمانبرداري، ايمانداري، وفاداري ۽ شجاعت سبب مير چاڪر خان، جتوئين کي پنهنجي جھنڊي هيٺان آڻي بلوچ قوم ۾ شامل ڪيو. ان ڏينهن کان پوءِ جتوئي جتن بجاءِ ’جتوئي‘ سڏجن ٿا.

ڪتاب ’بلوچ اور بلوچستان‘ (ص 130) موجب ’جتوئي‘ ساتڪ زئي قبيلي جو پاڙو آهي. جتوئي قبيلي جو اصل وطن ڪڇيءَ ۾ ڀنر جتوئي رياست هئي. زماني جي لاهن چاڙهن سبب اتان هجرت ڪري پنجاب جي سرائي پٽيءَ کان ٿيندا بکر کان سنڌ ۾ داخل ٿيا. سرائي پٽيءَ ۾ رهڻ ڪري هنن سرائڪي زبان اختيار ڪئي. جنهنڪري اڄ ڏينهن تائين بلوچيءَ جي بجاءِ سرائڪي ڳالهائين ٿا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو هنن ساٿ ڏنو. جنهن سبب کين جاگيرون عطا ڪيون ويون. 1857ع ۾ سردار امام بخش خان جتوئيءَ کي نوشهري ۽ دادوءَ جي علائقن ۾ انگريزن جاگير ڏني. جنهن بعد فتح خان جتوئي شڪارپور وارو، جتوئي قبيلي جو سردار مقرر ٿيو.

هنن لاءِ ٻي روايت هيءَ به آهي ته سترهين صدي عيسويءَ ۾ سکر سرڪار جي پرڳڻن مان هڪ پرڳڻوجتوئي پرڳڻو‘ مشهور هو. هن پرڳڻي ۾ جتوئي، بڙدي، ڪورائي قبيلا آباد هئا، جيڪي سڀئي بلوچ نسل جا هئا. شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه وقت سندن ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيا هئا.

هڪ صدي اڳ سنڌ ۾ جتوئين جو سردار فتح خان جتوئي هو، جيڪو تعلقي شڪارپور جي ڳوٺ نيپئر آباد ۾ رهندو هو. جتوئين جا پاڙا هي آهن: جتوئي، عارباڻي، بُلا، بڊاڻي، بارگاڻي، برهماڻي، ڀرڳڙي، ڏياڻي، جانب، گاڏهي، گشڪوري، هاليلاڻي، هيسباڻي، تڙت، حسناڻي، ڪوش، کيرا، خشڪ، کروس، ڪرسي، کودا، مزاراڻي، نوچاڻي، نوتڪاڻي، اتيرا، شاهداڻي ۽ شر. ڪن روايتن موجب سُندراڻي، حاجيجا ۽ زنگيجا به جتوئين جا پاڙا آهن.

جتوئي قبيلي مان سياسي ميدان تي مرحوم غلام رسول خان جتوئي، رئيس غلام مصطفيٰ خان، عبدالحميد خان، لياقت علي جتوئي، ابراهيم جتوئي سميت ڪيترين ئي شخصيتن کي شهرت حاصل رهي آهي.



لفظ جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو