پوريا (راڳڻي): ماروا ٺاٺ جي کاڍو راڳڻي، جنهن ۾ پنچم ورجت آهي. هيءَ راڳڻي مندر ۽ مڌ سبتڪن ۾ ڳائڻ گهرجي. هن ۾ پوروانگ جي سرن تي زور رهي ٿو. ان لاءِ ئي هن جو وقت شام وارو ٽاڻو مقرر آهي. جيڪڏهن هن ۾ اترانگ جي سرن تي زور ڏبو ته سهڻي ٿي پوندي. هن نکاد ۽ رکب، نکاد ۽ مڌم جي سنگت رهي ٿي. ماروا ۾ رکب ۽ ڌيوت وادي سموادي سر آهن. انهن تي ئي سڄي راڳڻي جو زور رهي ٿو. گنڌار ۽ نکاد جا سر پوريا ۾ وادي سموادي سُر آهن، جن تي ئي راڳڻيءَ جو زور رهي ٿو. پوربي ۽ للت ملائڻ سان هندولي پوريا راڳڻي ٺهندي آهي. ڀيرو کي پوريا سان ملائڻ سان ڀيرو پوريا ٺهندي. للت ۽ بهاگڙه ملائڻ سان پوريا بهاگ راڳڻي ٺهندي. هنڊول ۽ ڌناسري ملائبي ته پوريا ڌناسري جڙندي. للت ۽ ايمن ملائبو ته ايمني پوريا ٺهندي.
هن جي خاص تان: گي- نِي را سا- ني ڌي نِي- مِي ڌي- را سا- ني را گي- ني را سا آهي. هن جي آروهي: ني را سا گي مي ڌي – ني رَا سَا ۽ امروهي: سَا ني ڌي مي گي- ني را گي – ني را سا آهي. هن جو وادي سُر: گنڌار ۽ سم وادي سُر نکاد آهي.
راڳ ساگر ۾ هن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات جو مقرر ٿيل آهي. جڏهن ته آروهي: سا را گي مي ڌي ني سا ۽ امروهي سا ني ڌي مي گي را سا ڄاڻائي وئي آهي، ٻئي ڪنهن به سنگيت جي ڪتاب ۾ ائين ڄاڻايل نه آهي.