پِيلُو

پِيلُو (راڳڻي): پِيلو ڪافي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. هن راڳڻيءَ ۾ تيور ڪومل جا سڀ سر استعمال ٿين ٿا. گوري، ڀيم پلاسي ۽ ڀيرويءَ جي ميلاپ مان ٺهيل آهي. آروهي ۾ تيور سُر ۽ امروهيءَ ۾ ڪومل سر لڳندا آهن. هيءَ راڳڻي هند-سنڌ جي ايجاد آهي ۽ شوخ مزاج جي راڳڻي آهي، جنهن جي آروهي: ني سا ري گا- ما پا ڌي- ني سا- ۽ امروهي: سا نا ڌي پا ما گا- ري سا ني سا- ٿيندي آهي، جڏهن ته وادي سُر: گنڌار ۽ سموادي سُر: نکاد ٿيندو آهي. هن راڳڻيءَ جو وقت: ٽپهري هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو