ديوا

ديوا (راڳڻي): هيءَ پوربي ٺاٺ جي اوڍو راڳڻي آهي. هن ۾ مڌم ۽ نکاد سُر ورج آهن. هن راڳڻيءَ ۾ پنچم ۽ گنڌار جي سنگت رهي ٿي. اصل ۾ هيءَ پورانگ جي راڳڻي آهي. هن ۾ سريراڳ جو انگ چٽو نظر اچي ٿو. ان ڪري هن جي رکب کي سموادي مڃيو وڃي ٿو. هيءَ راڳڻي ڀڄنن وغيره ۾ به ڳائي وڃي ٿي. ڪي پنڊت هن ۾ مڌم ورج ڪرڻ کي لازمي قرار ڏين ٿا ۽ ڪي وري هن کي سمپورن راڳڻي ڪري لکن ٿا. هن راڳڻيءَ ۾ مڌم توڙي نکاد ورج ٻئي ورج آهن. هن جي خاص تان: گي گي را سا را را گي پا گي را سا آهي، جڏهن ته آروهي: سا ري گا پا ڌا سا ۽ امروهي: سا ڌا پا گي را سا آهن. هن جو وادي سر گنڌار ۽ سموادي سر کرج آهي. هيءَ راڳڻي شام جي وقت ڳائبي آهي.


لفظ ديواھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو