ساويري

ساويري (راڳ): هي راڳ، ساويري ڀيرو ٺاٺ جو راڳ آهي ۽ هن جي سرن جي فهرست ۾ آروهيءَ ۾ پنج سر آهن ۽ امروهيءَ ۾ ست ئي سر سمپورن آهن. ساويريءَ جو وادي سر پنچم آهي ۽ سموادي سر کرج (سا) آهي. هن راڳ جي آروهي: سا-را-ما-پا-ڌا-سا ۽ امروهي: سا-ني-ڌا-پا-ما-گي-را-سا آهن. هن راڳ جي ڳائڻ جو وقت صبح جو پهر آهي. ساويري اصل ۾ ڪرناٽڪ جو راڳ آهي. هن راڳ ۾ امروهي سمپورن هئڻ ڪري هي راڳ جوگيا ۽ گونڪليءَ کان الڳ نظر ايندو آهي. هن راڳ جا سر خاص ڪري سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي راڳجوڳ‘ سان ملن ٿا ۽ سنڌي پرڪاش جي سرن ملڻ ڪري هي راڳ قديم زماني ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو راڳ ٿئي ٿو ۽ خيال آهي ته هي سُر سنڌ مان ئي ڪرناٽڪ پهتو هو ۽ اهڙيءَ ريت ساويريءَ جا سر ڪرناٽڪ جي زينت بڻيا.


لفظ ساويريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو