پستول: هڪ قسم جو بارودي هٿيار آهي ، جنهن کي 1540ع ۾ اٽليءَ جي هڪ شھر پستويا ۾ ايجاد ڪيو ويو . اتان هيءُ انگلستان جي رستي جرمنيءَ پهتو . شروع ۾ پستول تمام وڏو ۽ ڳرو هوندو هو . 1835ع ۾ آمريڪا جي هڪ شھري ’ڪولٽ ‘ پستول ۾ سڌارا آندا ۽ هن کي هاڻوڪي ڊزائين ڏني . ريوالر بہ پستول جو هڪ قسم آهي . جنهن جي چئمبر ۾ گوليون پون ٿيون ۽ چرخيءَ وانگر ڦرندو آهي . هاڻي تہ خودڪار پستول/ ريوالر بہ ايجاد ٿيا آهن .