ذوالفقار: هڪ مشھور تلوار، جيڪا حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن کي بدر جي جنگ ۾ غنيمت جي مال ۾ ملي هئي. اُن کان اڳ ۾ اُها تلوار عاص بن منبه وٽ هئي، جيڪو بدر جي جنگ ۾ مسلمانن هٿان مارجي ويو هو.
ذوالفقار تلوار جي وجه تسميه اها آهي تہ ان ۾ ڏندا يا ليڪون نڪتل هيون. حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن هڪ خواب ڏٺو تہ سندن تلوار ذوالفقار جي ڌار ٽٽي پئي آهي. پاڻ سڳورن صلي ﷲ عليہ وسلم ان جو تعبير اهو ڪڍيو تہ سندن ذات مبارڪ تي ڪا تڪليف اچڻ واري آهي، جيڪا احد جي جنگ ۾ کين آيل تڪليف مان مراد ورتي وئي (البلاذري: انساب الاشراف). تلوار توڙي جو پاڻ ڪريمن جي هئي، پر اها هوندي حضرت علي ڪرم ﷲ وجهہ وٽ هئي، ان ڪري ذوالفقار جي نسبت هميشہ حضرت علي عليہ السلام سان رهي ۽ علوي نشان سمجهي وڃي ٿي. حضرت عليعه ۽ ذوالفقار جي نسب جو هي شعر اڄ تائين مشھور آهي:
شاهِ مردان، شيرِ يزدان، قوتِ پروردگار،
لافتيٰ الاعلي، لاسيف اِلا ذوالفقار.
اها تلوار آخرڪار عباسي خليفن جي هٿ چڙهي وئي.