اِٽِي: ڪاٺيءَ جي گهڙيل ڏِڪي، جيڪا ’اٽي- ڏڪر‘ راند ۾ ڪم ايندي آهي. ٻھراڙيءَ ۾ ڌراڙ پنهوار، سُٽ ۽ ڏاس مان تند ٺاهڻ لاءِ بہ اِٽي استعمال ڪندا آهن، هن طرح جو ڏِڪيءَ جي وچ تي تند کي ڳنڍ ڏيئي سُٽ يا ڏاس مان ٿوري ٿوري تند ٺاهي، وٽ ڏيئي، گِليءَ تي ويڙهيندا ويندا آهن.