ڇاڻي

ڇاڻي

ڇاڻي

ڇاڻي: هيءُ لوهه جي پٽن مان ٺهيل هڪ قسم جو گول ٿانءُ آهي، جيڪو گهرن ۾ اٽو ڇاڻڻ، ان صاف ڪرڻ، سيون وغيره پاڻيءَ کان ڌار ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. ڇاڻيءَ جو استعمال سنڌ اندر ثقافتي وٿ طور به ٿئي ٿو. مختلف مقصدن لاءِ ڪتب ايندڙ ڇاڻي بناوٽ، ساخت ۽ ماپ جي لحاظ کان مختلف ٿيندي آهي، جيئن اٽي ڇاڻڻ لاءِ ڪتب ايندڙ ڇاڻي، اڇي پٽ مان ٺهيل هوندي آهي، جنهن کي ’پرڻ‘ به چوندا آهن. ان جي تري ۾ لوهه يا پلاسٽڪ جي سنهي تندن جي اڻيل ڄاري هوندي آهي. هن سان اٽي ۾ موجود ڦوڏر، ان جا داڻا ۽ ٻيو غير ضروري مواد يا جون وغيره جا تهه ڪڍي ڌار ڪري ڇاڻي، ماني، پچائي ويندي آهي، جڏهن ته لوهه جي پٽن جي ڇاڻي ماپ ۾ اٽي واري ڇاڻيءَ کان ٻيڻي ڏيڍوڻي وڏي ٿيندي آهي، جنهن جو ترو به لوهائين پٽن سان سوراخ ٿيل هوندو آهي. هيءَ ڇاڻي سئين پچائڻ لاءِ ڪتب آندي ويندي آهي. گهر ۾ اٽي مان ٺاهيل ديسي سئين کي پچائڻ لاءِ پهرين گرم پاڻي ۾ رڌبو آهي ۽ بعد ۾ ڇاڻيءَ ذريعي اهو گرم پاڻي ڪڍي سئين کي کائڻ لاءِ تيار ڪبو آهي. ڇاڻيءَ مان اصطلاحي مراد آهي ڇنڊي ڇاڻي صاف ڪندڙ هڪ اهڙو ٿانءُ، جنهن ذريعي خراب ۽ بيجا مادي کي ڪڍي ڌار ڪيو وڃي. چانهه مان پَتيءَ کي الڳ ڪرڻ لاءِ ڇاڻي ڪم آڻبي آهي، ان کي ڇارڻي به چون.
جاين جي اڏاوت لاءِ واري، بجريءَ مان ٿلها مادا ڪڍي مصالحي ٺاهڻ وارا ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي ڇاڻيءَ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. اَٽي ڇاڻڻ واري ڇاڻي کي ڪن هنڌن تي ’گيچڻ‘ به چون.


لفظ ڇاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو