ڪلال

ڪلال

ڪلال

ڪلال: شاعر، مترجم ۽ ڪالم نويس. سندس اصل نالو لکاڏنو خاصخيلي ۽ ادبي دنيا ۾ ڪلال جي نالي سان مشھور ٿيو. 9 سيپٽمبر 1948ع تي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ، تعلقي هالا (مٽياري) ۾ پيدا ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي ڪرڻ کان پوءِ، تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن لکڻ جي شروعات مضمون نويسيءَ کان ڪئي. هن ايس بڪ'>پرل ايس بڪ جي ناول Good Earth جو ”ڀلاري ڀونءِ“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌالاجي طرفان ڇپيو. ان کان علاوه سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”پاڇا منھنجي پاند ۾“ 1998ع ۾ سچائي اشاعت گهر، دڙي طرفان شايع ٿيو. ايڊورڊ سعيد، جو ڪتاب ’دانشور‘ جي نالي سان ترجمو ڪري ڇپايو. ان کان علاوه محمود درويش ۽ ٻين جا ڪتاب به هن ترجمو ڪيا آهن. هن پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪتب خانو به قائم ڪيو. آر ڊي'>ايم آر ڊي تحريڪ دوران گرفتار ٿيو ۽ 6 مھينن تائين حيدرآباد جي جيل ۾ رهيو. 19 آگسٽ 2023ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


لفظ ڪلالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.09.09  عيسوي

شاعر، مترجم ۽ ڪالم نويس. سندس اصل نالو لکاڏنو خاصخيلي ۽ ادبي دنيا ۾ ڪلال جي نالي سان مشھور ٿيو. 9 سيپٽمبر 1948ع تي ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻيءَ، تعلقي هالا (مٽياري) ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر
شهاب الدين حڪيم
خليل کوسو
جسڪاڻي مشتاق
پليجو مخدوم يعقوب
رحيم بخش سومرو
عبدالغفور بسمل ڊاڪٽر
جوڻيجو عبدالرحيم
بوعلي سينا
بابا سريچند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون