ڏنگر فقير

ڏنگر فقير (ننگر): ڏنگر يا ننگر فقير ذات جو مگسي هو. سندس وڏا پنهنجي مرشد سنديلي فقير سان هجرت ڪري بکر ۾ رهڻ لڳا، جيڪو ميان آدم شاهه جو مريد ۽ خليفو هو. جتان پوءِ هجرت ڪري ڳاڙهي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون، جتي ڏنگر فقير ميان نصير محمد جي خدمتگارن ۾ شامل ٿي ويو. جڏهن ميان نصير محمد فيروز ويراڙ کي ساهتيءَ جو پرڳڻو فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته انهي مهم ۾ ڏنگر فقير به فيروز ويراڙ جي فوج ۾ شامل ٿي ويو.
فيروز فقير ويراڙ جڏهن نوشهروفيروز شهر تعمير ڪرايو، تڏهن ڏنگر فقير مستقل طور اتي رهائش اختيار ڪئي. ميان صاحب ڏنگر فقير جي خدمتن عيوض سندس پٽ حاڪم علي کي سڌوجن واري قلعي جي فوجي ذميواري سونپي. ميان نور محمد جي وقت ۾ حاڪم علي جي پٽ خير محمد فقير (خيرو فقير) نادر شاهي فوج سان مقابلو ڪيو. جڏهن ميان غلام شاهه کي نادر شاهه ايران وٺي ويو، تڏهن خيرو فقير غلام شاهه سان گڏ ويو. خيرو فقير غلام شاهه جي جلاوطني ختم ٿيڻ بعد ان سان گڏ ايران کان موٽي سنڌ آيو پر جلد بيمار ٿي پيو ۽ نوشهري فيروز ۾ وفات ڪئي. کيس سندس وصيعت موجب پنهنجي مرشد مراد فقير جي ڀرسان ميان نور محمد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ڏنگر فقير جو اولاد دادو شهر لڳ ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ رهي ٿو. هن گهراڻي مان ماضي قريب ۾ مولانا عبدالرحيم مگسي، محمد سهراب خان مگسي، قادر بخش خان مگسي ۽ خان مگسي'>ابوبڪر خان مگسي پنهنجي دور جي مشهور شخصيتن ۾ لکيا وڃن ٿا.


لفظ ڏنگر فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو