ڏاڻ

ڏاڻ

ڏاڻ

ڏاڻ: ڏاڻ، اُٺن جي اڳين پيرن ۾ ٻَڌل رسي کي چئبو آهي، جنهن سان اُٺ آهستي هلندو آهي ۽ جُوءِ ڇڏي ڀڄي نه وڃي سگهندو آهي. ڏاڻ، اڪن جي اَڪواري، رٻڙ جي رسن ۽ چمڙي مان ٺاهبا آهن. ڪن علائقن ۾ وڏن ۽ ويڙهاڪ اُٺن کي لوهه جي زنجيرن جا ڏاڻ ٻَڌا ويندا آهن، ڇو ته اُهي رسن کي ٽوڙي، نڪري ويندا آهن. ڪٿي وري اُٺ جي ٽن پيرن کي ڏاڻ ڏبو آهي، ڏاڻ جي اُن قسم کي ’پَڪڙانس‘ چوندا آهن.


لفظ ڏاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو