ڊپڪا

ڊپڪا: ’ڊپڪا‘ بلوٽسڪي پريس جو ماهوار رسالو هو، جيڪو مئي 1926ع کان حيدرآباد مان شايع ٿيڻ شروع ٿيو. هن رسالي جو ايڊيٽر ڪيولرام ديارام هوندو هو. هن رسالي ۾ ٿياسافيڪل اڳواڻن جي پرچاري سرگرمين، تقريرن ۽ تحريرن کان پڙهندڙن کي واقف ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ رسالي ۾ تعليم سائنس، اخلاقي موضوعن تي مضمون ۽ شاعري، چٽڪلا وغيره به شايع ٿيندا هئا. هي رسالو 16-17 صفحن تي مشتمل هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو