چُورو

چُورو: ڪٽيل/ ڀوريل شيءِ يا سوپاريءَ جي ڪَتر کي ’چورو‘ چئبو آهي. لونارين جي اصطلاح ۾ سنهي لوڻ کي ’چورو‘ چوندا آهن. عام طور لوڻ ٻن قسمن جو ٺهندو آهي. هڪڙو ٿلهي داڻي وارو ۽ ٻيو اَٽي وانگر. طب جي اصطلاح ۾ ڪٽيل وکرن جو ٻورو، جيڪو ڦڪي ٺاهڻ ۾ سولو لڳندو آهي، ان کي به ’چـُورو‘ چـونـدا آهن. ڪن علائقن ۾ ڪڪڙ جي چوزي کي به ’چورو‘ چوندا آهن.


لفظ چُوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو