چانگو1

چانگو1: چانگو، اُٺ جو توصيفي نالو آهي. جيئن ته اٺ کي ڊگهين ڄنگهن جي ڪري ’ڄانگهو‘ به چيو ويندو هو، اُن ڪري، اهو لفظ اڳتي هلي ’چانگو‘ ٿي ويو. شاهه لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن اُٺ لاءِ ’چانگي‘ جو لفظ عام استعمال ڪيو آهي. مثال طور:
آءُ راڻا رهه رات،
تنهنجي چانگي کي چندن چاريان! (شاهه)


هن صفحي کي شيئر ڪريو