ڀاويا ناچ

ڀاويا ناچ

ڀاويه

ڀاويه (ناچ ):ڀاويه ننڍي کنڊ جو اهم ناچ آهي. هڪ عورت مٿي تي ستن کان نَوَ ٽامي جون گهاگهرون، جيڪي نمبر وار ننڍيون هونديــون آهن. مٿــي تـي رکـي، دهــل ۽ ٻيـن سـازن جـي لـئي تي، هٿن جـي اشارن ۽ پيرن جي لمڪن سان نـچندي آهـي. انـداز اهـڙو هوندو آهـي جو مٿي تي رکيل گهاگهرون ڪِــري نــه سـگـهـنديون آهن. هي نهـايت ئــي مهـارت وارو ناچ آهي. ڪڏهن ڪڏهن عورتون گول دائرو ٺاهـي، هـڪ ٽامي جي گهـاگهـر مٿي تي رکن ۽ ان جـي مٿان ٿالهيءَ ۾ ڏيئا ٻاري ناچ ڪن. هن ناچ ۾ استعمال ٿيندڙ ساز سارنگي، طبلو، مردنگ، هارمونيم ۽ جهانجهه هجن ٿا.


لفظ ڀاويهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو