ڀنگڙا

ڀنگڙا (ناچ ):هي پنجابي عوامي ناچ آهي. جيڪو اتر هندستان ۽ پاڪستان جي پنجاب واري حصي ۾ نچيو وڃي ٿو. هن ناچ سان گڏ ڪي ٻول به هوندا آهن، جيڪي ڳائبا آهن. مک ناچو هٿ ۾ چمٽو کڻي، ان کي دهل جي سنگت ۾ وڄائيندو آهي. هي ناچ گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو ڪري سگهندا آهن. هن ۾ شامل سازن ۾ چمٽو، ايڪتارو، دهل، ڪڏهن ڪڏهن ڍولڪي ۽ هاڻي طبلو ۽ ڪڏهن ڪڏهن بانسري به وڄائي ويندي آهي. هي مردن جو ناچ آهي، پر هن ۾ هاڻي عورتون به حصو وٺن ٿيون. شروعات ۾ هن ناچ ذريعي پنجاب جا عوامي قصا کڻي ٻڌايا ويندا هئا، پر وقت گذرڻ سان گڏ هن ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن. ڀنگڙا کي راڳ، ڊسڪو، جنگل، ٽيڪنو وغيره طرزون شامل ڪري جديد بنايو ويو آهي. هي ناچ نوجوانن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي. ناچ ۾ جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. هن کي مشرقي پنجاب جي سکن ڳائي وڄائي نچي هاڻي پوريءَ دنيا ۾ مقبول بنائي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت دنيا ۾ جتي جتي پنجابي رهن ٿا، اتي هن ناچ کي وڏي اهميت آهي. هي خوشي ۽ جوش جو ناچ آهي. عالم لوهار ۽ سندس پٽ عارف لوهار هن ناچ جا مشهور فنڪار ٿي گذريا آهن، پر اهي ڪلاسيڪي انداز ۾ هيءَ ناچ ڪندا رهيا آهن، پر جڏهن انگريزي موسيقي کي ڀنگڙا ناچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته دلدار مهدي، ابرارالحق، امر سنگ، اشوڪ مستي، بابو مان، بلڪار سنڌو، دلجيت، گرداس مان ۽ ٻيا سوين فنڪار ڳائڻ سان گڏ ڀنگڙا ناچ ڪن ٿا.


لفظ ڀنگڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو