پڪريز

پَڪريزُ: هڪ قسم جي بيماري، جنهن ۾ سڄي جسم ۾ ملو پکڙجي ويندو آهي. هن بيماريءَ ۾ هڪڙي ڦٽ جو ريشو ٻئي ڦٽ کي پيدا ڪندو آهي. اها بيماري خاص ڪري سرءُ جي مند ۾ يا برسات کان پوءِ پيدا ٿيندي آهي. هن کي طبي ٻوليءَ ۾ Pus يا Abcess چيو وڃي ٿو، هيءَ بيماري رت جي مرده نالين ۾ بيڪٽريا تي مشتمل ڦڪي/ پيلي پيل مادي جي ڪنهن زخم ۾ جمع ٿيڻ سان واقع ٿيندي آهي ۽ پوءِ اهو پيلي رنگ جو مادو انهن ڦٽن مان گند جي صورت ۾ وهي نڪرندو آهي.


لفظ پڪريزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو