پُرسواڻي

پُرسواڻي (ڪٽنب): پرسواڻي ڪٽنب ڀنڀرائي برادريءَ جي شاخ آهي، جيڪي خدا آبادي سونارن مان هئا ۽ هن وقت اهي جئپور (هندستان) ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا پرسواڻي لفظ هنن جي وڏي پرسومل ولد نيڀراج جيٺمل ڀنڀرائيءَ کان ستن پيڙهين کان هلندو اچي. پرسواڻي ڪٽنب جا ابا ڏاڏا لهاڻا هئا، جيڪي اصل ۾ سنڌي هندو هئا، جيڪي 1200 ق. م ۾ هي ڪٽنب راوانا (هاڻوڪي لاهور) شِو آرين سان گڏ اروڙ (هاڻوڪي سکر) سنڌو جي ڪنڌي تي آباد ٿيا ۽ 962ع تائين اُتي ئي رهيا. اسلام جي آمد کانپوءِ هي ڪٽنب اروڙ کان ڀنڀور هليو ويو ۽ اتان کان ڪڇ طرف لڏي ويا. پرسواڻي ڪٽنب ۾ ڪيتريون اهم شخصيتون ٿي گذريون آهن.


لفظ پُرسواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو