پوکانڙيون

پوکانڙيون: هيءُ زيور جو هڪ قسم آهي، جيڪو ڪن ۾ پاتو ويندو آهي، جيڪو سون ۽ چانديءَ جو ٺهندو آهي. هندن ۾ عام طرح پاتو ويندو آهي. ڪڇي مسلمان سونيون پوکانڙيون پائيندا آهن. پوکانڙي ٺاهڻ جو طريقو سونارن وٽ هن ريت آهي: پوکانڙي مکيه چئن حصن ۾ ورهايل آهي: ”ڪڙو (مٿيون)، پليٽ (مٿين)، گول گھر ۽ ٺپا.“
سونارا سون کي کٽي ۾ صاف ڪري، آريٺڙن جي پاڻيءَ ۾ اُجاري، پوکانڙي تيار ڪندا آهن.


لفظ پوکانڙيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو