پوٿي

پوٿي

پوٿي2

پوٿي2(Malabar Nightshade): هيءَ ول نموني جي ٻوٽي آهي. جنهن جا پن پان جيڏا، پر ان کان ٿلها ۽ لعابدار ٿيندا آهن. هيءَ ٻوٽي ڦرُ ڪانول ٻوٽي وانگر جھلي ٿي. هن جا پن مٿان ساوا ۽ هيٺان پمدار ٿين ٿا. هيءَ ٻج ڳاڙها ڪندي آهي، سواد ۾ کٽي ۽ ڪؤڙي ٿئي ٿي. پوٿيءَ کي بنگاليءَ ۾ ’روکٽو پوري‘، هنديءَ ۾ ’پني ساگ‘، سنسڪرت ۾ ’پوتڪي‘ يا ’پولي پوهه‘ ۽ اردوءَ ۾ ’پوئي‘ چون. هن جو مزاج تمام سرد ٽي درجا گرمي پد ۾ ٿئي ٿو. هن جي طبي خاصيت تپ ۽ وڌيل حرارت کي هٽائڻ آهي ۽ هيءَ پيشاب کوليندڙ ۽ ننڊ آڻيندڙ (Somnolent) آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو