پوپرِي3

پوپرِي3: پُتلي، ڪاٺ جي گُڏي، جنهن سان راجسٿان جا نٽ ۽ بازيگر پتلين جو تماشو ڪندا آهن. سنڌ ۾ ان تماشي کي ”پتلين جو ناچ“ چوندا آهن. انهيءَ لحاظ سان سهڻي گُڏيءَ جهڙي عورت کي به پُتلي يا پوپري چوندا آهن. پتليءَ جي هڪڙي کيل/گيت ۾ وري وري هيٺين وراڻي دهرائي ويندي آهي ته:
پـوپـري ڙي پـوپـري، تـو کـي ڪيــر مـاري!
گُلو ڏير ماري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو