پوپري2

پوپري2: ننڍڙين مڇين ۾ خوبصورت جسامت واري، ڏسڻ ۾ ٺاهوڪي، کائڻ ۾ لذت واري، سفيد چانديءَ وانگر چمڪندڙ مڇي ٿئي ٿي، جنهن جي ٿولهه هڪ ٻه انچ، ويڪر ٻه ٽي انچ ۽ ڊيگھه وڌ ۾ وڌ فوٽ کن ٿيندي آهي. هيءَ مڇي ڏسڻ ۾ پلي جھڙي هوندي آهي. جيتوڻيڪ هيءَ مڇي ننڍي آهي، پر هن جو ماس وڏي موراکيءَ يا ڪُرڙي جهڙو پڪو ۽ سواد وارو هوندو آهي. هن جا ڇلر اَڇا چِلڪڻا، ننڍي پلي جي ڇلرن جيترا ٿيندا آهن. پوپريءَ ۾ ڪنڊن جي گھڻائي نه هوندي آهي، تنهنڪري ماڻهو ان کي سُهڻائيءَ جي تشبيهه طور ورجائيندا آهن ته لوڪ گيتن ۾ به ”پوپريءَ“ جو ذڪر ايندو آهي. خوشنما رانديڪي جھڙي هيءَ مڇي، سنڌو درياهه ۽ وڏي مٺي پاڻي جي ڍنڍن ۾ به جام ٿئي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو