پنِيري

پَنِيري: ضلعي خيرپور جي تعلقي فيض گنج ۾ هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾ سيفل خان لاشاريءَ نالي هڪ ڳوٺ شامل آهي. هتي پرائمري اسڪول موجود آهي.
ساڳئي نالي سان ضلعي سانگهڙ، تعلقي کپري ۾ هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
احمدالدين، حاجي ڪريم بخش لغاري، جمن مهر، پيارو مهر، حاجي عبدالله لغاري، اوطاق کينئو مل، اوطاق جمڙو مل، امين لغاري، اوطاق حاجي محمد ۽ اوطاق پير بخش لسڪاڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو