پلٽو

پَلٽو: ڳائڻ ۾ سُرن جي ادائگيءَ واري ڊيگهه، هيءُ سنگيت جو اصطلاح آهي، جنهن موجب جيڪو آواز هڪ سُر کان ٻئي سُر تائين وڃڻ ۾ گلي مان نڪري، ان کي پلٽو چئبو آهي. اهڙيءَ طرح کرج کان نکاد تائين جيڪي به آواز گلي مان نڪرندا، تن کي کرج جي آروهي جو پلٽو چئبو ۽ جيڪي آواز وري نکاد کان کرج تائين گلي مان نڪرندا، تن کي کرج جو امروهي پلٽو چئبو آهي.


لفظ پلٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو