پاٽوڙو

پاٽوڙو: هن نالي سان ضلعي ۽ تعلقي حيدرآباد ۾ هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:الهرکيو نظاماڻي، محمد موسيٰ کوسو، محمد علي نظاماڻي، لونگ ميربحر، ولي محمد پنجابي ۽ محمد رحيم ماڇي.- ساڳئي نالي سان ضلعي دادوءَ جي تعلقي جوهيءَ ۾ ٽي ديهون آباد آهن: ’پاٽوڙو نمبر 1‘، ’پاٽوڙو نمبر 2‘ ۽ ’پاٽوڙو نمبر 3‘. پهرين ٻن ديهن ۾ ڪابه آبادي نه آهي. باقي ديهه پاٽوڙو نمبر 3 ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: عمر خان جمالي، ڌڻي بخش جمالي، واحد بخش کوسو، ماچلاڻي لغاري، جمعو سيال ۽ ابراهيم لغاري.


لفظ پاٽوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو