ٽڦڻي

ٽڦڻي: عام گهرو استعمال جو هڪ اوزار، جيڪو فوٽ يا ڏيڍ فوٽ کن ڊگهو ۽ لوهه مان ٺهيل هوندو آهي. ان جو هڪ ڇيڙو ٺپيل ٽڪنڊي شڪل جو ٿيندو آهي ۽ ٻيو ڇيڙو سنهڙي ڳنيءَ جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هن اوزار کي ”وراڻي“ به چوندا آهن، جو اِن سان تئي تان ماني اُٿلائڻ يا ورائڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. هيءُ اوزار سنڌ ۾ قديم زماني کان رائج آهي، جيڪو ”موهن جي دڙي“ مان تمام گهڻي انداز ۾ مليو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو