ٽريور

ٽريور (ٻارهون ڪمشنر ):هي صاحب سال 1887ع جي وچ ڌاري ڪراچيءَ ۾ آيو ۽ سنڌ جو ڪمشنر ٿيو. شروع ۾ مسٽر مور صاحب ۽ پوءِ مسٽر جيڪسن صاحب سندس اسسٽنٽ هئا. سرڪاري معاملن جي سرانجامي وڏي عقلمندي ۽ ڌيرج سان، دستور ۽ معمول مطابق سهڻي نموني ڪيائين، پر سندس حڪومت جو زمانو مختصر هو، جنهنڪري سندس ڪي وڏيون ڪارگذاريون ڪونه آهن. البت سندس ايامڪاريءَ ۾ جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي بلوچ قبيلن جي جدا جدا جاگيرادرن کي جاگيرن جون سَندون عطا ڪيون ويون. ٽريور صاحب کي سندس بهترين ڪارگذاريءَ سبب ڪلڪتي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو هو.


لفظ ٽريورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو