نيازپنهور

نيازپنهور

نياز پنهور

نياز پنهور: صحافي، شاعر، ڪالم نويس ۽ ڊراما نگار نياز پنهور جو نالو ذوالفقار علي ولد محمد ابراهيم پنهور آهي، هن 15 جولاءِ 1963ع تي عمرڪوٽ جي شهر شادي پليءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان؛ مئٽرڪ 1979ع ۾ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊپلوما؛ ايسوسيئيٽ انجنيئرنگ (مڪينيڪل)، ٽيڪنيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1982ع ۾ ڪرڻ کان پوءِ انٽرميڊيئٽ حيدرآباد مان (پرائيويٽ) ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين. نياز پنهور ايم. اي صحافت، ايم. اي پاڪستان اسٽڊي، ايم. اي سنڌي آهي. حيدرآباد لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي به ڪئي اٿس. سندس والد 1950ع کان به اڳ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. والد کي ايمانداريءَ ۽ فرض شناسيءَ سبب ننڍيون وڏيون نوڪريون ڇڏڻيون پيون. اهو ئي سبب آهي جو نياز پنهور جي تربيت هڪ مسڪين پر پڙهيي لکيي گهراڻي جي فرد جي هٿ هيٺ ٿي. پيءُ جي نقش قدم تي نياز پنهور مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ بعد گهريلو ضرورتن جي مد نظر انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ حيدرآباد/ ميرپورخاص ۾ڪلارڪ طور ملازمت ڪئي ۽ پرائيويٽ طور پڙهندو به رهيو. ان بعد ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪاليج سيڪشن ۾ ليڪچرار رهڻ بعد پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري ڊگري ڪاليج کپري ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. نياز پنهور کي ننڍي لاءِ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ ٿيو. سڀ کان پهرين هن پنهنجي گهر ۾ پيل مولوي احمد ملاح جي ڪتابن کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي. هن جي پهرين لکڻي (ڪهاڻي) 1972ع ڌاري روزاني هلال پاڪستان جي صفحي ’گلن جهڙا ٻارڙا‘ ۾ شايع ٿي، تڏهن هو ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو. غربت سبب هن پنهنجي والد سان گهر جي خرچ ۾ هٿ ونڊائڻ خاطر ڇولا ۽ گجرون پڻ کپايون ۽ ڪتابن سان ٻاراڻي وهيءَ ۾ ذوق هئڻ سبب ان پورهيي مان بچت ڪري ريڙهن تان ڪتاب وٺي پڙهندو رهيو. ابتدائي طور ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويندو رهيو، جتي گل ڦل رسالي جي تڏهوڪي ايڊيٽر سوز هالائي سندس ادبي تربيت ڪئي ۽ سندس لکڻيون شايع ڪيون. سندس امڙ پڻ انهيءَ وقت ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پڙهيل هئي، اهو ئي سبب هن جي تربيت ماءُ جي هنج ۾ علمي ۽ ادبي نموني جي ٿيس. نياز ماڊل اسڪول ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ چڻنگ سنگت جو مرڪزي پريس سيڪريٽري به رهيو. صحافتي ڪيريئر جي شروعات روزاني مهراڻ اخبار ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪيائين، اتي سب ايڊيٽر رهيو ۽ بعد ۾ آگسٽ 1990ع کان ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ ان ۾ نيوز ايڊيٽر ٿيو. هن، 12 جولاءِ 1990ع تي مائٽن جي مرضيءَ سان افروز عباسيءَ سان شادي ڪئي. کيس برکا، علي بابا، باک ۽ مرتضيٰ نالي چئن ٻارڙن جو اولاد آهي، 1980ع واري زماني ۾ سندس شاعري ۽ ٻيون لکڻيون ’گل ڦل‘ ۽ ’ٽماهي مهراڻ‘ ۽ ’آرسي‘ جهڙن رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون ۽ سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو پهريون ڳٽڪو ”ڪوڏ ۽ سپون“ 1981ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران کيس ’ٻاراڻي ادب‘ جو انعام پڻ ڏنو ويو. 1982ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، ڄامشوري شاخ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران نياز پنهور، شمشيرالحيدري سان گڏ مهراڻ اخبار ۾ ڪم ڪندو هو. ان زماني ۾ ڄمار جي لحاظ کان هيءُ ڪنهن اخبار ۾ ننڍي عمر جو نيوز ايڊيٽر هو. ان کانسواءِ ’گلن جهڙا ٻارڙا‘ رسالي ۾ هن جا 1974ع جي زماني ۾ سوين شعر، ماهوار گل ڦل ۾ لاتعداد ڪالم ڇپيا، پي. ٽي. وي جي پروگرام چهچٽي لاءِ 13 مزاحيه خاڪا ۽ 6 ڊراما لکيائين. ’گلن جهڙا ٻارڙا‘، سنگت جو مرڪزي رابطا سيڪريٽري، ’ٻارڙن جي ٻاري‘ جو مرڪزي چيئرمئن؛ ’ٻارڙن جي محفل‘ ۽ ’چڻنگ سنگت‘ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري؛ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو مرڪزي خزانچي، پريس ڪلب حيدرآباد جي گورننگ باڊيءَ جو ميمبر، ماهوار ”ٻالڪ رسالي“ جو ايڊيٽر، ماهوار ”نئون نياپو“ ۽ ”ماڪ“ مئگزين جو اسسٽنٽ ايڊيٽر؛ سرتاج مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو. ان کان سواءِ ڪي. ٽي. اين تي موسيقيءَ جي پروگرام’محفل‘ جو ميزبان ۽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي، کيس ”نئين زندگي“ رسالي۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان بهترين شاعر جو اوارڊ، نيشنل ڊفينس يونيورسٽيءَ پاران هڪ ورڪشاپ ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ عيوض ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ۽ ايس ٽي پي پاران بهترين صحافيءَ جو اوارڊ پڻ مليو. هيءُ وڏي عرصي تائين ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. علمي ادبي لحاظ کان دوستن جو هڪ وڏو حلقو اٿس. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي آهي. هن وقت روزاني ڪاوش جي نيوز ايڊيٽر هئڻ سان گڏ سچل سرمست ڪاليج ۾ سماجي اڀياس سبجيڪٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ ريڊيي پاڪستان تي صداڪاري ڪرڻ سميت ڪي ٽي. اين جي پروگرام’ڪاوش عوام آڏو‘ جو ميزبان به آهي. ’هينئڙي سڄڻ ساريا‘ سندس خاڪن جو ڪتاب 2021ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


لفظ نياز پنهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.07.15  عيسوي

صحافي، شاعر، ڪالم نويس ۽ ڊراما نگار نياز پنهور جو نالو ذوالفقار علي ولد محمد ابراهيم پنهور آهي، هن 15 جولاءِ 1963ع تي عمرڪوٽ جي شهر شادي پليءَ ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروانو ڀٽي
جمال الدين لانگاهه
غالب لطيف
برڪاتي مسعود احمد
شبير تابش
ضمير نيازي
اختر بلوچ 2
جعفر ميمڻ
اعجاز عليم عقيلي
اعجاز حسين مهر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون