صوف

صوف: هڪ ميويدار وڻ، جنهن کي اردوءَ ۾ سيب، انگريزيءَ ۾ Apple ۽ لاطينيءَ ۾ Malus Pumila چيو ويندو آهي. هن جو اصل وطن ڪاڪيسس آهي. هن جي پوک يورپ کان ايشيا تائين ڦهليل آهي. هي نيم گرم ۽ نيم خشڪ علائقن ۾ پوکجي ٿو. مگر 7 ڊگري سينٽي گريڊ پد تي هيءُ ٻوٽو نه ٿو اُڀري. هن کي محفوظ ڪري مختلف ملڪن ۾ پهچايو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ بلوچستان، مري، ڪاغان ۽ ڪشمير ۾ ٿئي ٿو. هن کي قلم ۽ چشمي ذريعي، منتخب قسم جي جنسن ۾ وڌايو وڃي ٿو. بعد ۾ هن جي شاخ تراشي ۽ دوائون لڳائي واڌ ڪئي وڃي ٿي. جديد تحقيق ٻڌائي ٿي ته هيءُ وڻ 100 سالن تائين زندهه رهي ٿو، مگر ڦل ڏيڻ جي قوت گهٽ ٿيو وڃي. دنيا ۾ هن ميوي جي ڪل پيداوار اٽڪل ٻ


لفظ صوفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو