سندري

سندري

سندري

سُندري (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ آڳاٽو، نهايت پرلطف دلچسپ تاريخي ناول حڪيم عبدالخالق خليق مورائيءَ جو لکيل آهي.
هيءُ ڪتاب هڪ واڻڪي قصي تي مشتمل ڪتاب ’ڇتر سال‘ جي جواب ۾ لکيو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ متعلق بي شمار مفروضا بيان ڪيا ويا هئا. خليق مورائي، ’فتح سنڌ‘ جي سچي تاريخي واقعي کي افسانوي پيرايي ۾ لکي ماهوار هڪ باب ’ترقي‘ رسالي ۾ شايع ڪرايو، بعد ۾ هن افساني کي مڪمل ڪتابي صورت ۾ ڇاپيو ويو.
هيءُ افسانو/ ناول مشرقي طرز تي لکيل آهي ۽ سچو تاريخي افسانو آهي، انهيءَ ڪري حسن و عشق، هجر و وصال، رزم و بزم جي چاشنيءَ سان گڏ انهيءَ زماني جي تاريخي روايتن، جذبن، احساسن، اخلاق، معاشرت، تهذيب تمدن، زبان ۽ طرز بيان جو گهڻو لحاظ رکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ 33 مختلف موضوعن تي مشتمل ڏيڍ ٻن صفحن جا مختصر تاريخي قصا شامل ڪيا ويا آهن، جن کي بيانيه ۽ مڪالمن جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب رفاه عامه پريس، لاهور مان 1928ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب 214 صفحن تي مشتمل آهي.


لفظ سندريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو