سائينداد ساند

سائينداد ساند: سنڌ جي مشهور شاعر ۽ اُستاد سائينداد ولد محمد حسن ساند جو جنم پھرين مارچ 1960ع تي ڳوٺ متاري ساند، تعلقي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ڳوٺ، نئين ڪوٽ ۽ مٺي مان حاصل ڪرڻ بعد ايم. اي (سنڌي ادب) جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان حاصل ڪئي. 1986ع ۾ ليڪچرر ٿيڻ کان پوءِ، 2010ع کان 2013ع تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ جو پرنسپال رهيو. هن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري مختلف اخبارن توڙي علمي ۽ ادبي رسالن ۾ ڇپيل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ نمايان آهي. صادق فقير، شفيع فقير، سرمد سنڌي، وحيد علي ۽ فوزيه سومرو سميت ٿر توڙي سنڌ جي ٻين ڪيترن فنڪارن سندس شاعري ڳائي آهي. سندس مشھور ڪلامن ۾ ’اوهين ياد آيا ته ڳوڙها ڳڙي پيا‘، ’ڪو ته اهڙو هجي‘، ’جڏهن چوڙي ڇڏي ڇمڪو‘ ۽ ’ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو‘ وغيره شامل آهن. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا: (1) ’ڳوڙهن ڳالهـايــو‘ (1995ع)، (2) ’سنڌ ڪُروکيتر جيان‘ (2008ع) ۽ (3) ’دل جي تاريخ‘ (2011ع) ڇپيل آهن. ان کان سواءِ سندس نثري خيالن ۽ انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب ’خيالن جا پکي‘2009ع ۾ شايع ٿيو. هن 21 فيبروري 2024ع تي وفات ڪئي.


لفظ سائينداد ساندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو