زاهد علي عباسي

زاهد علي عباسي

زاهد علي عباسي

زاهد علي عباسي(علي زاهد): نئين ٽهيءَ جي ليکڪ ۽ شاعر، علي زاهد جو اصل نالو زاهد علي عباسي آهي. هن 15 آگسٽ 1973ع تي خانپور، تعلقي خيرپورناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مقامي طرح حاصل ڪري گريجوئيشن ڪيائين. گڏوگڏ ڊپلوما پڻ ڪيائين. سماج سڌارڪ ۽ صحافي به آهي، هن ڪالم لکڻ جي شروعات جاڳو اخبار کان ڪئي. ان کان علاوه روزاني هلچل، سچ، سنڌو، عبرت مئگزين، سنڌو ڊائجسٽ، تعمير سنڌ ۽ سوڀ ۾ 2000 کان وڌيڪ آرٽيڪل، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکي چڪو آهي. روزاني شام ۽ هلچل ۾ سب ايڊيٽر، روزاني سچ، سنڌو ۽ تعمير سنڌ ۾ ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج به رهيو. هن سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪيترن ئي ٻرندڙ مسئلن تي ڪيترائي اسٽريٽ ٿيٽر ڪري ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ به اسٽيج تي ڪيترائي ڊراما ڪري چڪو آهي. ڪي. ٽي. اين تي هڪ ڊرامي ’هوءَ اڪيلي‘ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيائين. سماجي تبديليءَ جي حوالي سان ڪيترائي فيچر لکي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ’ناچڻي‘ 2011ع ۾ ڇپجي چڪو آهي کيس ڪيترائي مڃتا اوارڊ پڻ ملي چڪا آهي، پاڻ سماجي حوالي سان مختلف اين جي اوز سان به لاڳاپيل رهيو آهي.


لفظ زاهد علي عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.08.15  عيسوي

نئين ٽهيءَ جي ليکڪ ۽ شاعر، علي زاهد جو اصل نالو زاهد علي عباسي آهي. هن 15 آگسٽ 1973ع تي خانپور، تعلقي خيرپورناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پارو خان ڪوري
پيرزادو غوث محمد گوهر
حافظ محمد 2
ضياء الدين احمد
همت علي خان ڪماريو سردار
اظهر گيلاني
عبدالقادر محمد حسين
پيرزادو شاهنواز مولائي
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
بهلول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون