بهلول

بهلول: عباسي دور ۾ ڪوفي ۾ رهندڙ هڪ شخص، بهلول، جنهن جو ذڪر الجاحظ پنهنجي ”ڪتاب البيان“ ۾ ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب هيءُ ”بهلول داناءُ“ جي نالي سان مشهور هو. ڪيترائي کل ڀوڳ جهڙا ٽوٽڪا ۽ حڪايتون ساڻس منسوب ڪيون وڃن ٿيون، جن ۾ ڏاهپ وارا نصيحت آموز نڪتا سمايل هوندا هئا. بهلول دانا وڏو صاحب ڪرامت هو. سندس واقعن ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته پاڻ مامون جي زال کي جڏهن بشارت ڏنائين تڏهن مامون به گهر ڪئي، مامون کي جواب ڏنائين ته جنت جي بدلي ۾ سڄي بادشاهت کپي. مامون چيو ته بهلول منهنجي زال کي هڪ هار جي بدلي ۾ ۽ مون کان سڄي بادشاهت پيو گهرين. بهلول جواب ڏنو ته هن اڻڏٺي تي ايمان آندو ۽ تو ڏسي پوءِ ايمان آندو. بهلول جو دور 4 صدي هجريءَ/ ڏهين صدي عيسويءَ ٿي سگهي ٿو. بغداد ۾ بهلول جي قبر جي ڪتبي ۾ 501 هه/ 1107ع ڄاڻايل آهي، جنهن کي مجذوبن جو سلطان قرار ڏنو ويو آهي. بهلول جو ڪردار، سنڌ جي وتائي فقير وارو آهي.


لفظ بهلولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو