رينگڻي

رينگڻي

رينگڻي

رينگڻي(Thorn Weed) : هن ٻوٽيءَ جو ٻيو نالو ’آڏيري‘ آهي. هن کي اردوءَ ۾ ’ڀَٽ ڪاٽيا‘ ۽ لاطينيءَ ۾ Solanum surattense چئبو آهي. هي ٻوٽو سخت ميداني زمين ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جا پن ننڍا ۽ چُهنبدار ڦاڪن سان ٿيندا آهن، جن جي مٿان ننڍڙا نرم ڪنڊا به ٿيندا آهن. هي ٻوٽو گھوڙن جي ’سرگيل‘ (نزلي، زڪام، بخار) جي بيماريءَ لاءِ مفيد آهي ۽ ماڻهو پڻ هن جو سنهو ٻورو ٽانڊن تي ٻرڪي ڪن، ڏند ۽ ڏاٺ جي سور کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. هن ٻوٽي کي اٺ ۽ ٻڪريون شوق سان کائيندا آهن. هن مان پيشاب جون دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون. هن جي پتن جو رس ڪاري مرچ جي سفوف سان ملائي پيئڻ سان سنڌن جي سور ۾ شفا ملي ٿي. هن جي گلن جي رس نڙيءَ جي سور ۾ فائدو ڏئي ٿي. پاڙن مان بلغم، کنگهه، دم ۽ بخار لاهڻ جي دوا ٺاهي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو