روم2

روم2

روم2

روم2 (ROM): روم لفظ ’ريڊ اونلي ميمَرِي‘ (Read Only Memory) جو مخفف آهي. هيءَ ڪمپيوٽر جي اندروني ياداشت ٿئي ٿي. هن ذريعي ڊيٽا کي دائمي طور ڪمپيوٽر ۾ رکي سگهجي ٿو، جيڪو سدائين موجود رهي ٿو. ڪمپيوٽر ۾ موجود مواد کي پڙهي سگهجي ٿو، پر ان ۾ ڪنهن نموني ڪا به تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي هي ختم ٿي سگهي ٿي.
بجليءَ جي وڃڻ يا ڪمپيوٽر بند ٿيڻ تي به روم سڄي مواد کي صحيح طرح سان حفاظت ۾ رکي ٿو. ڪمپيوٽر ۾ موجود مواد کي پروسيسر پڙهندو آهي. ڪمپيوٽر ۾ روم 8، 16 يا 32 ڪلو بائيٽ ۾ يا وڌيڪ گنجائش ۾ ٿئي ٿو. روم، ڪمپيوٽر ٺاهيندڙ ادارن جي طرفان ڏنو وڃي ٿو. روم کي مائيڪرو پروسيسر ڪتب آڻي ٿو. روم، ميمريءَ جا پروگرام صرف ڪمپيوٽر ٺاهيندڙ يا هارڊ ويئر جا ڄاڻو ئي تبديل ڪري يا ڊاهي سگهن ٿا. روم ۾ ذخيرو ٿيندڙ پروگرامن کي ’فِرم ويئر‘ چئبو آهي. روم ۾ بايوز (Bios)، بيسڪ اِن پُٽ، آئوٽ پُٽ سسٽم سان گڏوگڏ بوٽ اسٽرپ لوڊر به ٿين ٿا، جڏهن ڪمپيوٽر آن ڪجي ٿو ته بوٽ اسٽرپ لوڊر ڪمپيوٽر کي اسٽارٽ ڪن ٿا ۽ ڪمپيوٽر کي ضابطي ۾ رکڻ ڊاس (Disk Operating System- DOS) جو ڪم هوندو آهي.
روم جا ڪجهه قسم هن ريت آهن:
• Program Read Only Memory (PROM)
• Erasable Program Read Only Memory (EPROM)
• Electrically Erasable Program Read Only Memory (EEPROM)
• Electrically Alterable Program Read Only Memory (EAPROM).


هن صفحي کي شيئر ڪريو