راڻاهو2

راڻاهو2 (ڳوٺ): هي ڳوٺ تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ جو ٽي سؤ ساله قديم ڳوٺ آهي، جنهن جي انگريز دور ۾ هڪ ننڍي شهر واري حيثيت هئي، جنهن ۾ 50 کن دڪان هئا. برٽش سرڪار جي هتي هڪ ڪئمپ به هئي، جتي سرڪاري عملدار رهندا هئا، اها ڪئمپ اڇڙي ٿر جي هڪ اهم چوڪي شمار ٿيندي هئي. اڳي هتي مختلف ذاتين: ٺڪرن، سوٽهڙن، لوهارن، ميگهواڙن ۽ حجامن جا ماڻهو رهندا هئا. هن وقت هن ڳوٺ جي اها حيثيت نه رهي آهي، پوءِ به ٺڪرن، ميگهواڙن ۽ حجامن جا 200 گهر آباد آهن. هي ڳوٺ اڇڙي ٿر جو مرڪز ليکيو وڃي ٿو. هتي سنت سچاناٿ جي هڪ قديم مٺ/ مڙهي موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو