راڻاسر1

راڻاسر1: هيءُ هڪ آڳاٽو تلاءُ آهي، جيڪو ننگرپارڪر شهر جي ڏکڻ طرف ڳوٺ لاڪڙکڏيي ويجهو راڻن ٺهرايو هو، جنهن ۾ اڄ به ٻارهوئي پاڻي هوندو آهي. ڀرپاسي جي ڳوٺن جو مال هن تلاءُ مان پاڻي پيئڻ ايندو آهي. انگريزن جي پارڪر تي ڪاهه وقت هندستان جي شهر ڏيسا مان آيل انگريز فوج هن تلاءُ جي ڀرسان خيما کوڙيا هئا. هي تلاءُ ٿر جي مشهور تلائن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو