دولهه دريا خان جو مقبرو

دولهه دريا خان جو مقبرو

دولهه دريا خان جو مقبرو

دولهه دريا خان جو مقبرو: هيءُ مقبرو سنڌ جي امر شهيد ۽ سما دؤر حڪومت جي وزيراعظم دولهه دريا خان جو آهي. هيءُ مقبرو مڪلي جي ٽڪريءَ تي ڄام نظام الدين جي مقبري جي بلڪل سامهون آهي. هي مقبرو 1490ع ڌاري تعمير ڪيو، جيڪو پندرهين صدي عيسويءَ جو بهترين تعميراتي يادگار معلوم ٿئي ٿو. هيءُ مقبرو اڏاوت ۾ منفرد آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جو گنبذ وغيره اڏيل ناهي، بلڪه هڪ چؤديواري آهي، جنهن جي وچ صحن تي قبرون آهن. مقبري جي ڏاکڻين ديوار جي مهاڙيءَ تي ڪنگرا ۽ پاريڙو ڏنل آهي ۽ خوبصورتيءَ لاءِ ٻنهي پاسي هڪ جارو ڇڏيل آهي. مقبري جي اندرئين پاسي ۾ اولهه واري ڀت ۾ محراب ٺهيل آهي، جنهن جي هر پاسي تي پٿر جا پاوا ٺاهيل آهن. محراب ۽ چئني پاسن واري ديوار توڙي پاون تي نهايت ئي نازڪ ۽ نفيس قسم جي چٽسالي ٿيل ملي ٿي. مقبري کي ٻه لنگهه آهن، هڪ ڄام نظام الدين واري مقبري جي طرف يعني ڏکڻ کان ۽ ٻيو اولهه کان ڇڏيل آهي.
مقبرو ڏيڍ ٻن فوٽن تا ئين زمين کان مٿي آهي، جنهن ڪري لنگهه ۾ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. ديوار تي محرابي بُرجَ پڻ ٺهيل آهن. هن تاريخي عمارت ۾ پيلي گھڙيل پٿر جو استعمال ٿيل آهي. مقبري جي مهاڙيءَ ۾ چوڪور دروازو آهي، دروازي جي مٿان به اڪر ٿيل آهي. مهاڙي وري ٻيڙ ٻني تي پندرهن برجيون آهن ۽ ٻنهي پاسي جارا ڇڏيل آهن، جن کي گھوڙيون ڏنل آهن. مهاڙي واري در ۾ هينئر ڪاٺ ۽ ڄاريءَ جو ٺهيل در هنيو اٿن. مقبري جي صحن ۾ دولهه درياهه خان جي مزار وچ تي آهي، جنهن جي مٿان تاج آهي، جيڪو به پٿر جو آهي. دولهه دريا خان جي مزار مقبري ۾ موجود ٻين مزارن وانگر پٿرن جي ٿلهي تي آهي. هن مزار تي به چٽسالي ۽ اڪر جو ڪم ٿيل آهي. دولهه دريا خان سنڌ جو ا هو سورمو آهي (وڌيڪ ڏسو دولهه دريا خان)، جنهن سنڌ جي ننگ ۽ ناموس تان پٽن سميت قرباني ڏني ۽ شهيد ٿيو. هيءُ مقبرو عمارت سازيءَ ۾ سنڌي عمارت سازي جو نادر نمونو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو