جهم

جهم: ڌرتيءَ جي مٿاڇري سان واسطو رکندڙ پرڪار، جيڪو آس پاس جي زميني سنوت کان هيٺ يا نميل هجي، ان کي ’جهم‘ چئبو آهي. اهڙي صورتحال سنڌ ۾ هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي هئي ۽ آهي، انڪري هتي جهمون به هڪ کان وڌيڪ آهن. هر هڪ جهم جي بيهڪ الڳ هئڻ ڪري انهن سان لاڳاپيل تاريخي، ثقافتي، جيالاجيڪل بيهڪ (Geological Situation) به مختلف آهي. جهمپير جي اتر کان وٺي ڪرهل/ ڪرگل نالي تاريخي خطي، (جيڪو ڏکڻ ۾ هو.) تائين جيڪا لهواري/ نشيبي پٽي آهي، جنهن ۾ موجوده ڪينجهر ۽ سونهري ڍنڍون به اچي وڃن ٿيون، ان علائقي کي جهم ۾ شامل سمجهيو وڃي ٿو. ممڪن آهي ته سونڊا ۽ ٺٽي جي ڪا پسگردائي به ان جو حصو هجي.


لفظ جهمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو