تڪو

تُڪو/تڪي: تِيرُ جو قسم، جنهن ۾ اَڻي يا چهنب نه هجي، پر ٺلهو ڪانو هجي. ”تُڪا/ تڪيون“ فقط پکين جي شڪار لاءِ شڪاري ڪم آڻيندا هئا. ڪنهن زماني ۾ تير ڪمان عام هٿيار هو. ان ۾ هر موقعي لاءِ جدا جدا تير استعمال ٿيندا هئا، ۽ انهن جا نالا به جدا جدا هوندا هئا. تُڪا يا تُڪيون، فقط ننڍن پکين ۽ سهن وغيره جي شڪار لاءِ استعمال ٿيندا هئا، انهن سان پکِي يا سها فقط زخمي ٿيندا هئا، پر مرندا نه هئا. سَر جي ڪانيءَ مان ٺهيل سَنهي گز کي ”تُڪي“ چوندا آهن.
’تُڪو هڻڻ‘ هڪ اصطلاح پڻ آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”ڌُڪو هڻڻ“ پڻ چيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو